Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

تڪليف آهي جو ظهر جي نَماز قَضا ٿي وئي۔حافِظ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيو: حُضور(اوهان ته) بيهوش هئا۔ بيهوشي جي عالَم ۾ نَماز قضا ٿيڻ تي ڪو مواخذو (پڇا ڳاڇا) ناهي۔ فرمايائون: اوهان مواخذي جي ڳالھ ڪري رهيا آهيو مقرر وقت تي دربارِ الٰهي ۾ هڪ حاضِري کان ته محروم رهيس۔ 

(تذکرہ صدرُ الشريعہ،ص۳۰)

میں پانچوں نَمازیں پڑھوں باجماعت

 

ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی

(وسائل بخشش(مُرَمَّم)،ص۱۰۲)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪا حڪايت اسان هينئر ٻڌي ان ۾ خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ درسِ عبرت آهي جيڪي صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي عظمتن جا ڳڻ ڳائيندا آهن ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عقيدت ۽ محبت جي دعوي ڪندا آهن پر افسوس ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي مدني سوچ اپنائڻ کان قاصر هوندا آهن ڇوته اهڙن جا قيمتي ڏينهن الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي حبيب      صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌايل ڪمن ۾خرچ ٿيڻ جي بدران ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاش، لُڊو، پتنگ بازي، ڪرڪٽ، فٽ بال ۽ ويڊيو گيمز کيڏڻ يا ڏسڻ، چوڪن يا هوٽلن وغيره تي ويهي ڪچهري ڪرڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، موسيقي ٻڌڻ يا وري موبائل،ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ،سوشل ميڊيا (Social Media) جي فضول استعمال ۾ برباد ٿي ويندا آهن۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

وقت ضائع ڪرڻ وارا ڪي ڪم

ٽيليفون(موبائل)، انٽر نيٽ، سوشل ميڊيا(Social Media) جو غير