Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

فرمائن ٿا: صحيح ۽ غلطين کان پاڪ احاديثِ نَبوِيه ۽ اقوالِ ائمّه جي مطابِق هڪ ترجَمي جي ضَرورت محسوس ڪندي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ترجَمه قرآن پاڪ جي لاءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاه ِعظمت ۾ درخواست پيش ڪئي ته ارشاد فرمايائون: اهو ته نهايت ضَروري آهي پر ڇپجڻ جي ڪهڙي صورت ٿيندي؟ هن جي طَباعت (يعني ان کي ڇاپڻ) جو ڪير اهتِمام ڪندو؟ باوُضو ڪاپين کي لکڻ، باوُضو ڪاپين ۽ اکرن کي  درست ڪرڻ ۽ درستي به اهڙي هجي جو اِعراب نُقطا يا علامتن جي به غلطي نه رهجي وڃي پوءِ اهي سڀ شيون ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان وڏي مشڪل ته هي آهي ته پريس(Press) ۾ هر وقت باوُضو رهي، بغير وُضو نه پٿر کي چھوئي ۽ نه ڪٽي، پٿر ڪٽڻ ۾ به احتياط ڪيو وڃي ۽ ڇپجڻ ۾ جيڪي جوڙيون نڪريون آهن، انهن کي نهايت احتياط سان رکيو وڃي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيو:            اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، انهن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشِش ڪئي ويندي، بِالفرض مڃيو وڃي ته اسان کان ائين نه ٿي سگھيو ته جڏنهن هڪ شيء موجود آهي ته ٿي سگھي تو آئنده ڪو شخص هن جي ڇپڻ جو انتِظام ڪري ۽ مخلوقِ خدا کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪڏهن هن وقت اهو ڪم نه ٿي سگھيو ته آئنده ان جي نه ٿيڻ جو اسان کي وڏو  افسوس ٿيندو۔ اوهان جي هن گُزارش کان پوءِ ترجمي جو ڪم شروع ڪيو ويو۔ اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نيڪ ڪوششن سان خاطر خواه ڪاميابي ٿي ۽ اڄ مسلمانن جو وڏو تعداد مجدِّد اعظم، امامِ اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪيل قرآنِ پاڪ جي صحيح ترجمه ”ترجَمهٔ ڪنزالايمان“کان مُستفيد ٿي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  (يعني صدرُالشريعه) جي اِحسان مند آهن ۽