Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

سگھجي ٿو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شُمار اُنهن خُوش قسمت هستين ۾ ٿئي ٿو جن جي سرن تي الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجي دِين جي سمجھ جو تاج سجائي مذهبِ اسلام جي خدمت جي لاءِ چُونڊي ورتو آهي جيئن

مُحَمَّدرسولُ اللهصَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مَنْ یُّرِدِ الله بِہِ خَیْرًایُّفَقِّھْہُ فِی الدِّیْنِ يعني الله عَزَّوَجَلَّ  جنهن سان ڀلائي جو اِرادو فرمائي ٿو، ان کي دِين جي سمجھ عطا ڪندو آهي۔ (بخاری، کتاب العلم،باب من یرد اللہ بہ خیرا... ا لخ،حدیث: ۷۱، ۱/۴۳)

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  هن حديث جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني ان کي دِيني علم، دِيني سمجھ ۽ دانائي بخشيندو آهي۔ هن حديث مان ٻه مسئلا ثابت ٿيا هڪ اهو ته قرآن ۽ حديث جو ترجمو ۽ الفاظ رَٽڻ علمِ دين ناهي بلڪه انهن جو سمجھڻ علمِ دين آهي۔ اهو ئي مشڪل آهي۔ ان ڪري فقهاء ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِیْن جي تقليد ڪئي ويندي آهي۔ انهيء ڪري تمام مُفَسِّر ۽ مُحَدِّث، ائِمَّه مُجْتَهدِن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِیْن  جا مُقَلِّد ٿيا ۽ حديث جي سمجھ بُوجھ تي ناز ڪرڻ وارا نه ٿيا۔ ٻيو اهو ته قرآن ۽ حديث جو علم ڪمال ناهي، بلڪه ان جو سمجھڻ ڪمال آهي۔ عالمِ دين اهو آهي جنهن جي زبان تي الله عَزَّ وَجَلَّ   ۽ رسول صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان هجي ۽ دل ۾ ان جو فيضان هجي، فرمان سان گڏوگڏ فيضان به ضروري آهي، جيئن بجلي جي فٽنگ سان گڏوگڏ پاور ضروري آهي۔

(مرآۃ المناجيح،۱/۱۸۷ملتقطا وبتغير قليل)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن صدرُ الشريعهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت تي