Book Name:Allah walon kay Rozay

پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔“([1]) * جڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن ۽ نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي درود پاڪ پڙهندا آهن ته انهن ٻنهي جي جدا ٿيڻ کان پهريان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا آهن۔ ([2])* ٻن مسلمانن جو ملاقات جي وقت سلام ڪري ٻنهي هٿن سان مصافحو يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنّت آهي *موڪلائڻ وقت به سلام ڪريو ۽ هٿ به ملائي سگھو ٿا * هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛ ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرماءِ) [ ٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنشآءَاللهعَزَّوَجَلَّ قبول ٿينديون۔ هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔۔([3])اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ * پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني ختم ٿيندي آهي۔ * جيترا ڀيرا ملاقات ٿئي هر ڀيري هٿ ملائي سگھو ٿا *ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ هٿ ملائڻ سنّت ناهي، مصافحو ٻنهي هٿن سان ڪرڻ سنّت آهي ڪي ماڻهو صرف پاڻ ۾ آڱريون ملائيندا آهن، اهو به سنّت نه آهي * هٿ ملائڻ کان پوءِ پنهنجو هٿ چُمڻ مڪروهه آهي۔([4]) * هٿ ملائڻ کان پوءِ پنهنجي تري چمڻ وارا اسلامي ڀائر پنهنجي اها عادت ڇڏي ڏين۔ * جيڪڏهن اَمرَد (يعني خوبصورت ڇوڪري) سان هٿ ملائڻ ۾ شهوت ٿيندي هجي ته ان سان هٿ ملائڻ جائز ناهي بلڪ جيڪڏهن ڏسڻ ۾



[1]معجم اوسط،۵/۳۸۰،رقم:۷۶۷۲

[2]شعب الایمان،۶/۴۷۱، حدیث:۸۹۴۴

[3]مسند احمد،۴/۲۸۶، حدیث:۱۲۴۵۴

[4]بہارِ شریعت، حصّہ ۱۶،۳/۴۷۲بتغیر قلیل