Book Name:Allah walon kay Rozay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اڄ جي هن پُرفِتَن دَور ۾ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غير سياسي مسجد ڀريو تحريڪ دعوتِ اسلامي سنتن ڀريو پاڪيزه ماحول مُهيا ڪري رهي آهي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ جي فضل وڪرم سان هن مدني ماحول سان وابسته ٿي خبر ناهي ڪيترن گُناھگارن کي تَوْبه جي تَوْفيق ملي ۽ هاڻي اهي صلوٰة وسُنّت جا پابند ٿي هڪ باعمل ۽ باڪردار مُسَلمان جي حَيثِيت سان زندگي گُذاري رهيا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ في زمانه دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول نماز روزي جي پابندي ۽ مسجدن جي اَدب و اِحْتِرام جو خيال رکندي انهن جي آبادڪاري جي سلسلي ۾ نهايت ئي اهم ڪردار اَدا ڪري رهيو آهي تنهنڪري جيڪڏهن اسان به پنهنجي دلين ۾ مسجد سان محبت ۽ انهن کي آباد ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ چاهيون ۽ علمِ دين جي روشني سان پنهنجي عقيدن ۽ عملن جي دُرستي چاهيون ٿا ته رَمَضانُ المُبارَڪ جي صُورت ۾ اسان وٽ اهو هڪ بهترين موقعو آهي جو اسان دعوتِ اسلامي تحت مختلف هنڌن تي ٿيڻ وارن اِجْتِماعي اِعْتِڪاف جي سعادت حاصل ڪيون، ڪهڙي خبر آئينده سال رَمَضانُ المُبارَڪ نصيب ٿئي يا نه ٿئي، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ سڄي رمضان جي مهيني جو اعتڪاف مختلف شهرن ۽ ملڪن ۾ ٿئي پيو ان ڪري سڀ اسلامي ڀائر ان ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪن نه ته گھٽ مان گھٽ آخري عشري جي اعتڪاف جي ته ضرور بالضرور ڪوشش ڪن۔

اچو! بطورِ ترغيب دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِعْتِڪاف ڪرڻ جي برڪتن سان مالا مال هڪ مدني بهار اوهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو ٻڌو، خُوشي وچان جُھومو ۽ اِنهيء رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِعْتِڪاف ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو جيئن