Share this link via
Personality Websites!
ڪري تمام اسلامي ڀائرن سان عرض آهي ته حُصُولِ ثواب جي لاءِ يومِ تَعْطِيل اِعْتِـڪاف جي ترڪيب ڪن۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو اِعْتِـڪاف مسجد ۾ ٿيندو آهي ته ان سان مسجدون به آباد رهنديون ۽ مسجد جي آداب جو خيال رکڻ ۽ هر طرح جي بي اَدَبي کان بچڻ جي صُورت ۾ اسان جو مسجد ۾ گذريل هر هر لمحو به عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو، مسجد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ اُن ۾ پنهنجو وڌ کان وڌ وقت گُذارڻ جي وڏي فضيلت آهي جيئن
حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدْرِي رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاه نُـبُوّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسو ته اهو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي ايمان جي شاهدي ڏيو ڇو ته الله خالق و مالڪعَزَّ وَجَلَّ جو ارشادِ پاڪ آهي:
| اِنَّمَا یَعۡمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰہِ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ (پ ۱۰ ،التوبه :۱۸) | ترجَموڪنز الايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن. ([1]) |
حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدريرَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته رحمت عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو مسجد سان مَحَبَّت ڪندو آهي الله عَزَّ وَجَلَّ اُن کي پنهنجو مَحبوب بڻائيندو آهي۔([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami