Book Name:Allah walon kay Rozay

پنهنجي ڳالھ مڪمل ڪئي هئي جوعجب مُبَلِّغ جو غيبي آواز گونجيو: ڇا مان توهان کي اهڙي ڳالھ جي خبر نه ڏيان جو جنهن کي الله عَزَّ وَجَلَّ   پنهنجي ڪرم جي ذمي تي لازم ڪيو آهي؟ مون چيو: ڇو نه! اسان کي ضرور اهڙي شيء جي بابت ٻُڌاء۔ آواز آيو: ٻڌو! الله عَزَّ وَجَلَّ   پنهنجي ڪرم جي ذمي تي اها ڳالھ لازم ڪئي آهي ته جيڪو گرمين جي ڏينهن ۾ (روزي جي حالت ۾) رِضاءِ الٰهي عَزَّ وَجَلَّ   جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اُڃايل رکندو، الله عَزَّ وَجَلَّ      قيامت جي موتمار گرمي ۾ ان کي سيراب ڪندو۔ پوءِ حضرتِ سيدُنا ابُو موسيٰ اَشْعَرِي رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه اهڙو پنهنجو معمول بڻايو جو اهڙن شديد گرم ڏينهن ۾ به روزو رکندا هئا، جنهن ۾ انسان گرمي جي شِدّت ۾ ذراذرا ٿي ويندوآهي۔ ([1])

دوجہاں کی نعمتیں ملتی ہیں روزہ دار کو

جو نہیں رکھتا ہے روزہ وہ بڑا نادان ہے

وسائلِ بخشش مُرَمّم،ص۷۰۶

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته پنهنجي آخرت جو فڪر ڪندي قيامت جي شديد گرمي ۽ سخت اُڃ کي ياد ڪيون ۽ بالخُصُوص رَمَضانُ المُبارَڪ جي فرض روزن جي معاملي ۾ دُنيا جي معمولي گرمي کي دل ۾ نه آڻيون، بلڪ جيستائين ساھ جاري آهن نماز روزي، صدقي، خيرات ۽ خُوب خُوب نيڪ عمل جي ذريعي آخرت جي ڊگھي سفر جي تياري ۾ مصروف رهون۔

 



[1]عیون الحکایات حصہ دوم،ص۳۴۵