Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

شارِحِ بُخاري حضرت علامه مفتي شريف الحق امجدي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القَوِی ارشاد فرمائين ٿا: سڀ انبياءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ بالخصوص اسان جي حضورِاقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گناهن کان معصوم آهن . (فتاويٰ شارِح بُخاري، 363/1) اهڙي طرح مفسّرِ شهير حڪيم الامّت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ فرمائن ٿا: حضراتِ انبياءِ گناهن کان معصوم آهن جو گناھ ڪري ئي نٿا سگهن.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان سڀ وڏا خوش قسمت آهيون جو الله تعالٰي اسان کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت ۾ پيدا فرمائي ڪري اسلام جي دولت سان مالامال فرمايو ۽ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان کي شعبان المعظم جهڙو برڪتن سان مالا مال مُبارڪ مهينو عطا فرمايو، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته فرضن ۽ واجبن جي پابنديءَ سان گڏ و گڏ  ان مهيني ۾ عام ڏينهن جي مقابلي ۾ ذڪر ۽ درود ، تلاوتِ قرآنِ ڪريم، هفتي وار سنّتن ڀريواجتماع ۽ هفتي وار مدني مذاڪري ۾ شرڪت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شائع  ٿيل ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو، صدقو ۽ خيرات، تقسيمِ رسائل، مرحومن جي لاءِ ايصالِ ثواب ۽ دعاءِ مغفرت ڪرڻ جي لاءِ سنت جي نيّت سان قبرستان جي حاضري ۽ ٻي نفلي عبادت جو به گهڻي کان گهڻو اهتمام ڪيون، هونئن به هي مبارڪ مهينو اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو پسنديده ۽ پاڻ  سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي گهڻي کان گهڻا درودِ پاڪ پڙهڻ جو مهينو آهي. جيئن ته