Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

وارن کي خوشخبريون ٻڌايون ٿا هن عظيم رات جي عظمت جي سبب کان نبي رحمت شفيع امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 15 شعبان المعظم جي رات ڪڏهن جنت البقيع جي قبرستان تشريف کڻي ويندا ۽ اُتي بارگاھِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ۾ سجدي جي حالت ۾ گريه وزاري فرمائيندا ۽ ڪڏهن گهر مبارڪ ۾ نفلن ۽ دعا وغيرا ۾ مشغول رهندا هئا. جيئن ته

اُمّ الۡمُؤمِنِين حضرتِ سيدتنا عائشه صديقه، طيبه طاهِره رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون: كَانَ رَسُوْلُ اللهِ صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ وَسَلَّمَ يَدْعُوْ وَهُوَ سَاجِدٌ لَيْلَةَ النِّصْفِ مِنْ شَعْبَانَ يعني نصف شعبان جي رات منهنجي سر تاج، صاحبِ معراج صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سجدي جي حالت ۾ دعائون گهرندا هئا.

(ڪنز العمال، ج. 14، ص. 79، حديث. 38288)

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته مالڪِ ڪونين، رحمتِ دارين
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ان مقدّس رات ۾ خصوصيت سان گڏ نفل ادا ڪرڻ ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي عذاب ۽ ان جي ناراضگيءَ کان پناھ طلب ڪرڻ تعليمِ اُمّت جي لاءِ هو ته جيئن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت به پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پيروي ڪندي ان رات ۾ وڌ کان وڌ  عبادتون ڪن ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ مان ملڻ وارن انعامن ۽ رحمتن جي فيضان کان بالڪل محروم نه رهن. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو توبھ ۽ استغفار فرمائڻ ۽ رب تعالٰي جي ناراضگيءَ ۽ ان جي غضب کان پناھ گُهرڻ هر گز  پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان معاذالله عَزَّوَجَلَّ گناهن جي صادر ٿيڻ سبب نه هيو ڇو ته صرف نبي ڪريم    صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پر تمام انبياءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ الله جي فضل ۽ ڪرم سان گناهن کان معصوم (يعني گناهن کان پاڪ) آهن جو انهن کان گناه ٿي ئي نٿا سگهن جيئن ته