Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

پڪاري رهيو هو ته آهي ڪو مغفرت طلب ڪرڻ وارو ته ان جي مغفرت ڪئي وڃي؟ ۽ ڏهين دروازي تي به هڪ فرشتو پڪاري رهيو آهي ته آهي ڪو دعا ڪرڻ وارو ته ان جي دعا قبول ڪئي وڃي؟ پوءِ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اي جبرائيل! رحمت جا هي دروازا ڪيستائين کليل رهندا آهن؟ عرض ڪيائون: رات جي ابتداء کان طلوعِ فجر تائين، پياري آقا محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ان رات ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ مغفرت ڪئي ويندي آهي، انهيء رات ماڻهن جي سڄي سال جا اعمال (آسمانن جي طرف) بلند ڪيا ويندا آهن ۽ انهيء رات رزق تقسيم ڪيو ويندو آهي.

براءَت دے  عذابِ قبر سے نارِ جہنّم سے

مہہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سبحٰن الله عَزَّوَجَلَّ! مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته الله عَزَّوَجَلَّ شعبانُ المعظم جي مهيني کي ڪيتري قدر شرافت ۽ بزرگي عطا فرمائي آهي بالخصوص 15 شعبانُ المعظم جي نوراني رات (يعني شبِ براءَت) ته ايتري قدر عظيم الشان رات آهي جو بارگاهِ خداونديءَ عَزَّوَجَلَّ مان مغفرت جا پروانا تقسيم ڪيا ويندا آهن، جڏهن هيءَ مبارڪ رات تشريف کڻي ايندي آهي ته رحمت جا دريا ايتري قدر جوش ۾ ايندا آهن ته ربّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ٻانهن جي لاءِ رحمت جا 300 دروازا کولي ڇڏيندو آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جا معصوم فرشتا ان رات رڪوع ۽ سجدا ۽ نفلي عبادت ڪرڻ دعائن ۾ مشعول رهڻ ۽ گريه وزاري ڪرڻ