Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم شبِ برات ۾حاضر ٿيا ۽ مون کي چيائون اٿو نماز ادا فرمايو. مون پڇيو: اي جبرائيل! هي ڪهڙي رات آهي؟ عرض ڪيو: اي محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي اها رات آهي جنهن ۾ آسمان ۽ رحمت جا 300 دروازا کوليا ويندا آهن، الله عَزَّوَجَلَّ سان گڏ شريڪ ڪرڻ وارا، پاڻ ۾ بغض ۽ ڪينو رکڻ وارا، شرابين ۽ بدڪارن کان علاوه سڀني جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. انهن ماڻهن جي ان وقت تائين مغفرت نه ٿيندي جيسيتائين اهي سچي توبهه نه ڪن. البته شراب جي عادي جي لاءِ رحمت جي دروازن مان هڪ کوليو ويندو آهي ايسيتائين جو اهو توبهه ڪري، ته جڏهن اهو توبهه ڪري ڇڏيندو آهي ته ان جي مغفرت ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح ڪيني رکڻ واري جي لاءِ به رحمت جي دروازن مان هڪ دروازو کوليو ويندو آهي ايستائين جو اهو پنهنجي ساٿي (يعني جنهن سان ڪينو رکندو آهي) سان ڪلام نه ڪري ڇڏي، جڏهن اهو ان سان ڪلام ڪري ڇڏيندو آهي ته ان جي به مغفرت ڪئي ويندي آهي، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اي جبرائيل! جيڪڏهن اهو پنهنجي ساٿي سان ڪلام نه ڪري، ايستائين جو شبِ براءت گذري وڃي ته.........؟ حضرت سيدنا جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: جيڪڏهن اهو انهيءِ حالت تي برقرار رهيو ايستائين  (نزع جو عالم طاري ٿيڻ جي سبب) ان جي سيني ۾ ساهه اٽڪڻ لڳي ته ان جي لاءِ به رحمت جو دروازو کليل رهندو آهي، جيڪڏهن اهو (موت کان پهريان مسلم جي ڪيني کان) توبهه ڪري ته ان جي توبهه مقبول آهي، هي ٻڌي ڪري حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنتُ البقيع جي طرف تشريف کڻي ويا ۽ سجدي ۾ وڃي انهن الفاظن ۾ دعا گهري: اَعُوْذُ بِعَفْوِكَ مِنْ عِقَابِكَ وَاَعُوْذُ بِرِضَاكَ مِنْ سَخَطِكَ وَاَعُوْذُ بِكَ مِنْكَ جَلَّ ثَنَاؤُكَ لَا