Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

شهنشاهه نبوت مصطفٰي جان رحمت شمع بزم هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: ”جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي. ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو“.(مشڪاة المصابيح، ج 1، ص 55، حديث 75 ادارا الکتب العلميه بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

عمامو ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”163 مدني گل“ مان عمامي شريف ٻڌڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:

پهريان ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: * عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ (فردوس الاخبار، ج 2 ص 265 حديث 3233) * ٽوپي تي عمامو اسان ۽ مشرڪن جي وچ ۾ فرق آهي، هر ورَ جيڪو مسلمان پنهنجي مٿي تي ڏيندو ان کي قيامت جي ڏينهن هڪ نور عطا ڪيو ويندو. (الجامع الصغير، ص353 حديث 5725) * عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو. (ڪشف الالتباس في استحباب اللباس للشيخ عبدالحق الدهلوي ص 38) * عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي. (فتاويٰ رضويه ج22 ص 186) * رومال