Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

v        مهيني ۾ پاڻ به نفل عبادت جي ڪثرت فرمائيندا ۽ مسلمانن کي به ان جي ترغيب ارشاد فرمائيندا، لهٰذا اسان کي به گهرجي ته شور ۽ غل ۽ طرح طرح جي گناهن جي ذريعي هن مبارڪ رات جو تقدس پامال ڪرڻ، آتش بازي ڪري پنهنجي ۽ ٻين مسلمانن جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ ۽ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ناراض ڪرڻ جي بجاء انهن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ تمام گناهن کان سچي توبهه ڪري ذڪر و درود، تلاوتِ قرآن ۽ ٻين نيڪ اعمال جي ذريعي خوب خوب نفل عبادت ڪيون.

v        شعبانُ المعظم ڇو ته ڪثرتِ درود جو مهينو به قرار ڏنو ويو آهي، لهٰذا فضول گوئي کان بچندي زياده کان زياده درودِ پاڪ پڙهڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي.

v        هن ماهِ مبارڪ جي حقيقي برڪتون حاصل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحُول سان وابسته ٿي وڃو، دعوتِ اسلامي جي تحت هفتيوار ۽ ٻين اجتماعاتِ ذڪر و نعت ۾ شرڪت کي به پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو ۽ مدني چينل به ڏسندا رهو. الله عَزَّوَجَلَّ اسان سڀني جي مغفرت فرمائي ڪري اسان کي شعبانُ المعظم جي برڪتن سان مالامال فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ سنّت جي فضيلت ۽ ڪجهه سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدار رسالت