Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

v        15 شعبانُ المعظم جي مبارڪ ۽ مقدس رات ۾ عبادت ڪرڻ وارن کي خوشخبريون ڏنيون ويون آهن ته مبارڪ هجي ان کي  جيڪو هن رات عبادت ڪري، مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات ۾ سجدو ڪري، مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات ۾ رڪوع ڪري، مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ کان دعا گهري، مبارڪ هجي ان کي جيڪو هن رات ۾ پنهنجي رب تعالٰي سان مناجات ڪرڻ ۾ مشغول هجي، ڪڏهن  ايئن صدائون لڳايون وينديون آهن: آهي ڪو توبهه ڪرڻ وارو ته ان جي توبهه قبول ڪئي وڃي؟ آهي ڪو مغفرت طلب ڪرڻ وارو جو ان جي مغفرت ڪئي وڃي؟ آهي ڪو دعا ڪرڻ وارو جو ان جي دعا قبول ڪئي وڃي؟

v        15 شعبان جي رات ڇو ته ان ماهِ مقدس جي سڀ کان اهم رات آهي ۽ جنهن کي شبِ براءَت يعني ڇوٽڪاري جي رات به چيو ويندو آهي ڇو ته هن رات ۾ الله عَزَّوَجَلَّ قبيله بني ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي تعداد جي برابر ماڻهن کي جهنم کان ڇوٽڪارو عطا فرمائيندو آهي، پڻ انهيءَ رات سڄي سال جي لاءِ ماڻهن جي موت ۽ حيات، عزت ۽ ذلت، رزق ۽ ان جي ٻين اهم ترين معلامات جا فيصلا ڪيا ويندا آهن.

اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 15 شعبانُ المعظم  جي رات خصوصي طور تي عبادت جي ترغيب ارشاد فرمائيندي فرمايو ته هن رات کي عبادت ۾ گذاريو ۽ ڏينهن جو روزو رکو، اهو ئي سبب آهي جو صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی هن