Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناشتو ڪري رهيا هئا، فرمايائون: اي بلال! ناشتو ڪريو. عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان روزه دار آهيان. ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اسان پنهنجي روزي کائي رهيا آهيون ۽ بلال جو رزق جنت ۾ وڌي رهيو آهي. اي بلال! ڇا تو کي خبر آهي ته جيستائين روزه دار جي سامهون ڪجهه کايو وڃي تيستائين ان جون هڏيون تسبيح ڪنديون آهن ۽ فرشتا ان جي لاءَ استغفار ڪندا آهن. (شعب الايمان، ج. 3، ص. 297، حديث 3586)

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب           صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلٰى مُحَمَّد

بيان جو خلاصو.....

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾  اسان شعبان المعظم جي مهيني ۾

v        نفل عبادت ڪرڻ جي اهميت جي باري ۾ ٻڌو ته ماهِ مقدَّسه ۾ عبادت گزارن کي الله عَزَّوَجَلَّ جي معصوم فرشتن جي دعائن سان حصو نصيب ٿيندو آهي.

v        اسان جا مٺا مٺا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به وقتا فوقتا هن مهيني جي اهميت کي مختلف طريقن سان اجاگر فرمايو، پاڻ به ان ۾ نفلن ۽ روزن جي ڪثرت فرمائي ۽ پنهنجي امت کي به ڪثرت سان نفلي عبادت جي ترغيب ڏيارڻ ۽ خوابِ غفلت کان بيدار ڪرڻ جي لاءِ ارشاد فرمايو ته رجب ۽ رمضان جي درميان هي اهو مهينو آهي جو ماڻهو ان کان غافل آهن حالانڪه ان ۾ ماڻهن جا اعمال الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا ويندا آهن.