Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

(1) زوره دارن جي لاءِ دسترخوان سجايو ويندو

حضرت سيدنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي: قيامت جي ڏينهن روزه دار قبرن مان نڪرندا ته اهي روزي جي خوشبو سان سڃاڻا ويندا، انهن جي لاءِ دسترخوان ۽ پاڻي جا ڪوزا رکيا ويندا، جنهن تي مشڪ جي مهر هوندي، انهن کي چيو ويندو ته کائو (ڇو ته روزا رکڻ جي سبب دنيا ۾) توهان بکيا هئو، پيو (ڇو ته روزا رکڻ جي سبب دنيا ۾) توهان اڃارا هئو، آرام ڪريو (ڇو ته روزا رکڻ جي سبب دنيا ۾)  توهان ٿڪيل هئو، اهي کائيندا ۽ پيئندا حالانڪه ماڻهو اڃا حساب جي مشقت ۽ اُڃ ۾ مبتلا هوندا.

(ڪنز العمال، ج. 4، ص. 213، حديث 23639)

(2) فرشتا دعاء مغفرت ڪندا آهن

حضرت سيدتنا عُماره رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون: حضورِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف کڻي آيا ته مون پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ سراپا برڪت ۾ کاڌو پيش ڪيو ته ارشاد فرمايائون: توهان به کائو. مون عرض ڪيو: مان روزي ۾ آهيان. ته رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيستائين روزه دار جي سامهون کاڌو کايو ويندو آهي، فرشتا ان (روزه دار) جي لاءِ دعاء مغفرت ڪندا رهندا آهن. (ترمذي، ج. 2، ص. 205، حديث 785)

(3) روزه دار جون هڏيون ڪڏهن تسبيح ڪنديون آهن

  حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي اڪرم، نورِ مجسم      صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ان وقت حضورِ  پر