Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

انعقاد، مزارات سان ملحقه مسجدن ۾ عاشقانِ رسول جي مدني قافلن جو سفر ڪرائڻ ۽ بالخصوص عُرس جي ڏينهن ۾ مزار شريف جي احاطي ۾ سنتن ڀريو مدني حلقو لڳائڻ، جن ۾ وضو، غسل، تيمم، نماز ۽ ايصالِ ثواب جو طريقو، مزارات تي حاضري جا آداب ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتون سيکاريون وينديون آهن پڻ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتون ڀريا اجتماعات ۾ شرڪت، مدني قافلن ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل جي ترغيب به ڏياري ويندي آهي، عرس جي ڏينهن ۾ صاحبِ مزار جي خدمت ۾ ڪيترائي ايصالِ ثواب جا تحائف پيش ڪرڻ پڻ صاحبِ مزار بزرگ جي سجاده نشين، خلفا ۽ مزارات جي متولي صاحبان سان وقتًا فوقتًا ملاقات ڪري انهن کي دعوتِ اسلامي جي خدمات، جامعات المدينه ۽ مدارسُ المدينه ۽ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ ٿيڻ واري مدني ڪمن کان آگاهه ڪرڻ وغيره. الله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي کي ڏينهن رات ترقي عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اِسلامی تیری دُھوم مَچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو! هاڻي احاديثِ مبارڪه جي روشني ۾ نفل روزن جا ڪجهه فضائل به ٻڌون ٿا. جيئن ته