Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

شيخ الحديث علّامه عبدالمصطفٰي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: آتش بازي خواه شبِ براءَت ۾ ٿئي يا شادي ۾ هر جاءِ هر حال ۾حرام آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي گناهه آهن. هي پنهنجي مال کي فضول برباد ڪرڻ آهي، قرآنِ ڪريم ۾ فضول مال کي خرچ ڪرڻ وارن کي شيطان جو ڀاءُ فرمايو ويو آهي ۽ انهن ماڻهن کان الله عَزَّوَجَلَّ ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بيزار آهن. پوءِ ان ۾ هٿ پير سڙڻ جو انديشو يا مڪان ۾ باهه لڳي وڃڻ جو خوف آهي ۽ بلاوجه (پنهنجي يا ٻين جي) جان يا مال کي هلاڪت ۽ خطري ۾ وجهڻ شريعت ۾ حرام آهي. (جنتي زيور، ص. 152)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلس مزاراتِ اولياء

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، سنتن جي خوشبو ڦهلائڻ، علمِ دين جي شمع ٻارڻ ۾ مصروف آهي. دنيا ۾ ڪم و بيش 200 ملڪن ۾ ان جو مدني پيغام پهچي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ مدني ڪم کي منظم ڪرڻ جي لاءِ تقريبًا 100 کان وڌيڪ شعبه جات قائم آهن، انهن مان هڪ شعبو ”مجلس مزاراتِ اولياء“ به آهي، هن مجلس جي ذمي دارن ٻين مدني ڪمن سان گڏوگڏ بزرگانِ دين جي مزاراتِ مبارڪه تي حاضر ٿي ڪري مختلف ديني خدمات سر انجام ڏيندا آهن. مثلًا حتي المقدور صاحبِ مزار جي عرس جي موقعي تي اجتماعِ ذڪرونعت جو