Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

1.         سواءِ ڪنهن وقت هوا جي نڪرڻ جي حاجت نه ٿئي. اهو انهي لاءِ جو  ٻاهر نه وڃي سگهندو.

2.           قبلي جي طرف پير ڪرڻ ته هر جڳهه منع آهي. مسجد ۾ ڪهڙي طرف به نه ڦهلايو ته خلافِ آدابِ دربار آهي. حضرت سري سقطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسجد ۾ اڪيلا ويهندا هئا، پير ڦهلايا مسجد جي ڪنڊ مان هاتف آواز ڏنو: ”بادشاهن جي حضور ۾ ايئن ويهندا آهن؟“ معًا (يعني اوچتو) پير سميٽا ۽ اهڙا سميٽا جو انتقال جي وقت ئي ڦهليا. (ملفوظاتِ اعلٰي حضرت، ص. 317 تا 323)

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب           صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلٰى مُحَمَّد

افسوس! اڄ ڪلهه تمام گهڻا مسلمان علمِ دين کان دوري جي سبب کان الله عَزَّوَجَلَّ جي هن معزز مهمان ”ماهِ شعبان“ جي ناقدري ڪندي ۽ هن مهيني ۾ بالخصوص شبِ براءَت ۾ بارگاهه خداوندي کان تقسيم ٿيڻ واري انعامات حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرڻ جي بجاءِ عبادات کان منهن ڦيرائي اغيار جي نقل ڪرڻ ۾  آتش بازي جهڙو ناجائز و حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم ڪندي ۽ شور و غل مچائيندا آهن پڻ تلاوت و نوافل ۽ ذڪر و اذڪار وغيره ۾ مشغول مسلمانن جي عبادت ۾ يا سمهڻ وارن جي آرام ۾ خلل وجهي ڪري يا گهرن ۾ موجود بيمارن، ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن جي سڪون کي برباد ڪري ۽ انهن کي تڪليف ڏئي ڪري قهرِ قهار ۽ غضبِ جبّار کي دعوت ڏيندا آهن.