Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

1.         بدلجي ويندا ۽ ساڄو هٿ رکڻ ۾ صرف اهو ئي بضرورت بدليو، کاٻو پنهنجي سنت جي جاءِ تي ثابت رهيو. اوٻاسي روڪڻ جو هڪ مجرب طريقو هي آهي ته جڏهن اوٻاسي اچڻ تي هجي ته فورًا تصور ڪري ته حضرات انبياءِ عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کي (اوٻاسي) ڪڏهن به نه آئي.

2.         مسجد ۾ دنيا جي ڪا ڳالهه نه ڪئي وڃي....ها! جيڪڏهن ڪير ديني ڳالهه ڪنهن کي چوڻي هجي ته ويجهو ٿي ڪري آهسته سان چوڻ گهرجي نه هي جو هڪ صاحب مسجد ۾ بيهي ڪري راهگير سان جيڪو روڊ تي بيٺو آهي. رڙيون ڪري ڳالهيون ڪري رهيو آهي يا ڪو ٻاهر کان پڪاري رهيو هجي ۽ هي ان جو جواب بلند آواز سان ڏئي رهيو آهي.

3.         تمسخر (يعني مذاق مسخري ڪرڻ) ايئن به ممنوع ۽ مسجد ۾ سخت ناجائز يا کلڻ منع آهي. قبر ۾ اونداهي آڻيندو آهي. (فردوس الاخبار، ج. 2، ص. 41، حديث 3706) ها! موقع سان مسڪرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي. مسجد جي فرش ۾ڪا شي اڇلائي نه وڃي بلڪه آهسته سان رکي وڃي. گرمي جي موسم ۾ ماڻهو پکو هڻندي هڻندي اڇلائي ڇڏيندا آهن يا ڪاٺي، ڇٽري وغيره رکڻ وقت پري کان ڇڏي ڏيندا آهن، ان جي ممانعت آهي غرض مسجد جو احترام هر مسلمان تي فرض آهي.

مسجد ۾ حدث (يعني هوا خارج ڪرڻ) منع آهي. ضرورت هجي ته ٻاهر هليو وڃي، لهٰذا معتڪف کي گهرجي ته اعتڪاف جي ڏينهن ۾ گهٽ کائڻ پيٽ هلڪو رکن ته قضاء حاجت جي وقت کان