Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

رکو! مسجد جي اندر ڀڄڻ، زور زور سان رڙيون ڪرڻ، کنگڻ يا اوگرائي ڏيڻ، بلا ضرورت اوٻاسي ڏيڻ ۽ ان جي آواز بلند ڪرڻ پڻ اعتڪاف جي نيت ڪرڻ جي بغير کائڻ ۽ سمهڻ وغيره سان نه صرف مسجد جو تقدُس پامال ٿيندو آهي بلڪه انهن مان  ڪجهه ڪم ناجائز ۽ حرام به آهن، اچو! مسجد جي ادب ۽ احترام جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 568 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”ملفوظاتِ اعلٰي حضرت“ مان مسجد جا 12 آداب ٻڌون ٿا:

مسجد جا آداب

1.         جڏهن مسجد ۾ قدم رکو ته پهريان ساڄو پوءِ کاٻو ۽ واپسي تي ان جو عڪس (يعني اُلٽ ڪريو)

2.         اعتڪاف جي نيت جي بغير ڪنهن شي جي کائڻ جي اجازت ناهي.

3.         تمام مسجدن ۾ دستور آهي ته ماهِ رمضانُ المبارڪ ۾ ماڻهو نمازين جي لاءِ افطاري موڪليندا آهن. اهي اعتڪاف جي نيت هجي بغير اتي بي تڪلف کائيندا پيئندا ۽ فرش خراب ڪندا آهن. هي ناجائز آهي.

4.         وضو ڪرڻ کان پوءِ اعضاءِ وضو مان هڪ ڦڙو (به)  پاڻي جو مسجد جي فرش تي نه ڪري.

5.         مسجد ۾ ڀڄڻ يا زور سان قدم رکڻ، جنهن سان ڌمڪ پيدا ٿئي منع آهي.