Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

جون درين کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي. مسجد کي هر لحاظ کان صاف سٿرو رکيو وڃي ته جيئن نمازين کي ڪنهن به قسم جي  دشواري نه ٿئي ۽ مسجد جي بي ادبي کان به بچيو وڃي. اهڙي طرح ٻارن جي شور شرابي کان به مسجد کي بچايو وڃي.

مسجدن ۾ دنياوي ڳالهيون ٿينديون

سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: هڪ زمانو اهڙو ايندو گا  يَكُوْنُ حَدِيْثُهُمْ فِیْ مَسَاجِدِهِمْ فِیْ اَمْرِ دُنْيَاهُمْ جو مسجدن ۾ دنيا جون ڳالهيون ٿينديون، فَلَا تُجَالِسُوْهُمْ فَلَيْسَ لِلّٰهِ فِيْهِمْ حَاجَةٌ توهان انهن سان گڏ نه ويهجو ته الله عَزَّوَجَلَّ کي انهن سان ڪو ڪم ناهي.

 (شعب الايمان، ج. 3، ص. 86، حديث 2962)

مفسر شهير، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ هن حديثِ جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن تي ڪرم نه ڪندو، نه ته رب عَزَّوَجَلَّ کي ڪنهن ٻانهي جي ضرورت ناهي، اهو ضرورتن کان پاڪ آهي. (مراٰة المناجيح، ج. 1، ص. 457)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بد قسمتي سان مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ عام ٿيندو پيو وڃي. اڄ ڪلهه مسجد ۾ ويهي انتهائي بي باڪي ۽ غير سنجيدگي سان نه صرف دنياوي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون بلڪه ڄاڻي واڻي ۾ تمام اهڙا ڪم ڪيا وڃن ٿا جو مسجد جي آداب جي خلاف آهن. غور فرمايو! مسجد ۾ دنياوي ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪيترا بد نصيب آهن جو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻين کي انهن جي هم نشيني ۽ صحبت اختيار ڪرڻ کان منع فرمائي ڇڏيو. ياد