Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

رسالي ۾ نفل روزن جا فضائل، 15 شعبان المعظم جي رات مغفرت کان محروم ڪري ڇڏڻ جا اسباب، 15 شعبان جي روزي جي فضيلت، شعبان جي 15 وين رات پڙهڻ وارا ڇهه (6) نفلن جي فضيلت ۽ ان جو طريقو، دعاء نصف شعبان، آتش بازي ڪرڻ جي مَذَمّت ۽ آخر ۾ قبرستان جي حاضري جي متعلق 11 مدني گلن جو بيان فرمايو آهي. لهٰذا اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديةً طلب فرمايو، پاڻ به پڙهو ۽ حسبِ استطاعت وڌيڪ تعداد ۾ حاصل ڪري خير خواهي ۽ حصولِ ثواب جي نيت سان ٻين اسلامي ڀائرن کي به تحفو پيش ڪريو. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ھن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگهو ٿا. ڊائون لوڊ (download) به ٿي سگهي ٿو ۽ پرنٽ آئوٽ (Print out) به ٿي سگهي ٿو.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شبِ معراج، شبِ براءَت، شب قدر ۽ اهڙي طرح ٻيون مقدس راتن ۾ ڇو ته عام طور تي مسجدن ئي ۾ شبِ بيداري ۽ عبادتن وغيره جو معمول آهي. لهٰذا مسجد جو ادب ۽ احترام جو خاص خيال رکندي مذاق، شور شرابو ۽ فضول ڳالهيون بلڪه دنياوي ڳالهين کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي. اهري طرح انهن مبارڪ ڏينهن جا خصوصي فضائل ۽ برڪات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪثير عاشقانِ رسول نفل روزو رکڻ جي به سعادت حاصل ڪندا آهن، جيڪڏهن سحري ۽ افطاري جي ترڪيب عينِ مسجد ۾ ئي ٿئي ته تمام گهڻي احتياط جي حاجت آهي ته دورانِ سحري ۽ افطاري مسجد جي ڪهڙي طرح سان به بي ادبي نه ٿئي، مسجد جي فرش ۽ مسجد