Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

+پنهنجي پرتاثير تحريرن، سنتن ڀري بيانات ۽ علم و حڪمت سان ڀرپور مدني مذاڪرن جي ذريعي وقتًا فوقتًا مسلمانن کي به هن مهيني ۾ نفل عبادتن جي ڪثرت جو ذهن عطا فرمائيندا آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن جو سالن کان شبِ براءَت ۾ ڇهه (6) نفل ۽ سوره يٰسين شريف وغيره جو معمول آهي. مغرب کان پوءِ ٿيڻ واري هي نفل عبادت آهي، فرض ۽ واجب نه ۽ مغرب کان پوءِ نفلن ۽ تلاوت جي شريعت ۾ ڪٿي ممانعت به ناهي. حضرت سَيّدُنا علّامه ابن رَجَب حنبلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: اهلِ شام ۾ جَلِيۡل القَدر تابعين مَثَلًا حضرت سَيّدُنا خالِد بن مَعۡدان، حضرت سيدنا مَڪۡحُول، حصرت سيدنا لقمان بن عامر رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی وغيره شبِ بَراءَت جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا هئا ۽ هن ۾ خوب عبادت ڪندا هئا، انهن مان ٻين مسلمانن هن مبارڪ رات جي تعظيم سکي. (لطائف المعارف، ج. 1، ص. 145) فقه حنفي جي معتبر ڪتاب ”دُرّ مُختار“ ۾ آهي: شبِ براءَت ۾ شب بيداري (ڪندي عبادت) ڪرڻ مُسۡتحب آهي، (پوري رات جاڳڻ  کي ئي شبِ بيداري ناهن چوندا) اڪثر حصي ۾ جاڳڻ به شبِ بيداري آهي.

(در مختار، ڪتاب الصلاة، ج. 2، ص. 568، بهارِ شريعت، حصو چوٿون، ج. 1، ص. 679)

رسالو ”آقا جو مهينو“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شعبان المعظم جي برڪت واري مهيني ۾ ٿيڻ واري نفل عبادت جي متعلق مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”آقا جو مهينو“ (سنڌي ترجمي) جو مطالعو فرمايو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي