Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

فائدو نه ٿيو. ڪنهن اسلامي ڀاءُ انفرادي ڪوشش جي ذريعي ذهن بڻائي ڪري دعوتِ اسلامي جي تحت عاشقانِ رسول جي سنتن جي تربيت جي مدني قافلي ۾ سنتن ڀريي سفر جي ترڪيب بنائي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني قافلي ۾ سنتين ڀريي سفر ۽ عاشقانِ رسول جي شفقت ڀري صحبت جي برڪت سان منهنجي سالن جي پراڻي جوڙن جي سور جي بيماري بالڪل ختم ٿي وئي. مدني قافلي کان واپسي تي ٻئي ئي ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ آيو ۽ انهن مون کي ڪم تي لڳائي منهنجي روزگار جي ترڪيب به بڻائي ڇڏي. هي بيان ڏيندي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، منهنجو ڪم هڪ ڏينهن به بند ناهي ٿيو ۽ سور به واپس ناهي آيو.

جوڑ جوڑ آپ کے ، ہوں اگر دُکھ رہے          

 

کر کے ہمّت  چلیں ، قافِلے  میں  چلو

تنگدستی مِٹے ، رِزق  سُتھرا  ملے

 

دَر کرم کے کُھلیں ، قافِلے  میں  چلو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گهرجي ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري عاشقانِ رسول جي مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو ته ان جي برڪت سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت جون پريشانيون به ختم ٿي وينديون ۽ مبارڪ ايّام جي ادب ۽ احترام جو جذبو ۽ ان ۾ عبادت جو ذوق ۽ شوق به نصيب ٿيندو. اسان جي اسلاف ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی به هن ماهِ مقدس جي اهميت کان سٺي طرح واقف هئا لهٰذا اهي حضرات هن مهيني ۾ خوب خوب نفلي عبادت جو ٻج پوکڻ، پوءِ جڏهن رمضان جو مهينو