Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! احاديثِ مبارڪه ۾ مسجدن کي آباد ڪرڻ وارن جي لاءِ عظيم الشان فضائل ذڪر ڪيل آهن، جيئن ته

حضرت سيدنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مان نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ جي گهرن کي آباد ڪرڻ وارا ئي الله عَزَّوَجَلَّ وارا آهن. (معجم الاوسط، ج. 2، ص. 58، رقم 2502) هڪ ٻئي مقام تي ارشاد فرمايو ته جڏهن ڪو ٻانهو ذڪر ۽ نماز جي لاءِ مسجد کي ٺڪاڻو بڻائي ڇڏيندو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کان اهڙو خوش ٿيندو آهي، جيئن ماڻهو پنهنجي گمشده شخص کي پاڻ وٽ آمد تي خوش ٿيندا آهن.                   (ابن ماجه، ج. 1، ص. 438، رقم 800)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته اسان به مسجدن کي آباد ڪرڻ، علمِ دين حاصل ڪرڻ، بالخصوص هن مهيني ۾ ”استقبالِ رمضان“ جون ڀرپور تياريون ۽ پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي عظيم مدني مقصد کي پيشِ نظر دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايون. اچو! ترغيب جي لاءِ مدني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان سال پراڻي جوڙن جي سور جي بيماري کان شفا پائڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا: جيئن ته

جوڙن جي بيماري ۽ بي روزگاري کان نجات

هڪ اسلامي ڀاءٌ جي بيان جو خلاصو آهي ته منهنجي هڪ طرف بي روزگاري هئي ۽ ٻئي طرف جوڙن جي سور جي پراڻي بيماري، تنگدستي ۽ شديد سور جي باعث سخت بيزاري هئي، گهڻو علاج ڪرايو پر ڪجهه