Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

هر مسلمان سان گڏ حسنِ ظن ئي رکڻو پوندو، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن شرعي عذر جي سبب کان اهو روزو نه رکي سگهيو هجي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن ماه مبارڪ ۾ بالخصوص مدني قافلن ۾ سفر جي ذريعي اهڙن ماڻهن کي اسان نيڪي جي دعوت ڏيون، برائي کان منع ڪريون، ماهِ رمضان المبارڪ جي فضائل ٻڌائي ڪري انهن کي فرض روزن رکڻ جو مدني ذهن بڻايون، خوب خوب انفرادي ڪوشش ڪريون ڄڻ  اسان جي اجتماعي ۽ انفرادي ڪوشش سان ٿيڻ واري ”استقبالِ رمضان“ جون اهڙيون برڪتون ظاهر ٿين جو ماه رمضان جي آمد ٿيندي ئي اهڙو مدني ماحول هجي جو هر طرف روزن  جون مدني بهاريون اچي وڃن. مدني قافلي جي جدول ۾ ”فيضانِ رمضان“ کان مسجد ۽ چوڪ درس جو سلسلو ٿئي، ان مان به ڪيترن ئي عاشقانِ رسول تائين ماهِ رمضان جي فرض روزن ۽ ٻين عبادات جي دعوت پهچندي. مڪتبة المدينه جي مطبوعه پمفليٽ ”رمضان ۾ گناهه ڪرڻ واري جو ڀيانڪ انجام“ گهر گهر تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريو، هٿو هٿ انهن عاشقانِ رسول کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ٿيڻ واري سڄي مهيني رمضان يا آخري عشري جي اعتڪاف جي به دعوت جو سلسلو جاري رکو. بالخصوص عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري عاشقانِ رمضان جي عظيم الشان ”سڄي رمضان جي اعتڪاف“ جي دعوت کي عام ڪريو.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد