Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

هجي جو توبهه تي استقامت پائڻ، پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ نيڪيون ڪرڻ گناهن کان بچڻ ۽ پنهنجي دل ۾ خوب خوب نفلي عبادت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾به وڌي ڪري حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃون .

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافلو“

ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ماهانه هڪ ڪم ”مدني قافلو“ به آهي.
اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جي تحت سفر ڪرڻ وارا مدني قافلن جي برڪت سان اڄ تائين بيشمار ماڻهن جي زندگين ۾ مدني انقلاب اچي چڪو آهي، پڻ ڪيتريون ئي مسجدون به انهن مدني قافلن جي بدولت آباد ٿي چڪيون آهن. نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ جي لاءِ جيترا به ذرائع آهن، انهن مان ”مدني قافلو“ اهم ترين ذريعو آهي، پر مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! هاڻي به ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ڪيترائي علاقه مدني قافلن جي آمد جا منتظر هوندا، جي ها! هاڻي به مسلمانن جي هڪ تعداد اهڙي به آهي جيڪو ماهه رمضان جي فرض روزا رکڻ کان محروم آهن، ان ماه رمضان ۾ به معاذ الله عَزَّوَجَلَّ گناهن جا بازار گرم رهندا آهن، ڏينهن ڏهاڙي هٽا ڪٽا جوان  بلا عذر شرعي روزا ترڪ ڪرڻ وارا ڪيترائي هوندا، وڏي بي باڪي سان گڏ هوٽلن ۾ کائڻ پيئڻ جو سلسلو هلي رهيو هوندو آهي، ها جيڪڏهن ڪنهن کي هوٽل وغيره ۾ سرِ عام کاڌو وغيره کائيندي ڏسو تڏهن به اسان کي