Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته شبِ براءَت بيحد اهم رات آهي لهٰذا ڪنهن صورت به ان کي غفلت ۾ نه گذاريو وڃي، ته ان رات الله عَزَّوَجَلَّ بيشمار ماڻهن جي مغفرت فرمائيندو آهي. جيئن ته نبي ڪريم رؤوف رّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ته مون وٽ جبرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم آيا ۽ چيو ته هي شعبان جي (15 وين) رات آهي، ان ۾ الله تعالٰي بني ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي تعداد جي برابر ماڻهن کي جهنم کان آزاد فرمائيندو آهي. (شعب الايمان، ج. 3، ص. 384، حديث 3837)

پر افسوس! ڪجهه بدنصيب ماڻهو اهڙا به آهن جنهن تي شبِ براءت يعني ڇوٽڪاري پائڻ جي رات به نه بخشڻ جي وعيد آهي. جيئن ته حضرت سيدنا امام بيهقي شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ”فضائل الاوقات“ ۾ نقل ڪن ٿا: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عبرت نشان آهي: ڇهه (6) ماڻهن جي هن رات به بخشش ناهي ٿيندي: (1) شراب جو عادي (2) ماءُ پيءُ جو نافرمان (3) بدڪاري جو عادي (4) قطع تعلق ڪرڻ وارو (5) تصوير بنائڻ وارو ۽ (6) چغل خور. (فضائل الاوقات، ج. 1، ص. 130، حديث 27) اهڙي طرح ڪجهه ٻين احاديثِ مبارڪن ۾ ڪاهن، جادوگر، تڪبر سان گڏ پاجامو يا تهبند ڀيڄين کان هيٺ لٽڪائڻ وارا ۽ ڪنهن مسلمان سان بلا اجازت شرعي بغض و ڪينو رکڻ وارن جي لاءِ به هن رات مغفرت کان محرومي جي وعيد بيان ڪئي وئي آهي، جيئن ته تمام مسلمانن کي گهرجي ته بيان ڪيل گناهن مان جيڪڏهن ڪنهن گناهه ۾ مبتلا هجي ته بالخصوص ان گناهه کان ۽ بالعموم سڀني گناهن کان شبِ براءَت جي اچڻ کان پهريان بلڪه اڄ ۽ هاڻي سچي توبهه ڪري ڇڏيو ۽ ڪيڏو نه سٺو