Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

فرمايو: جڏهن شعبان المعظم جي رات اچي ته ان ۾ قيام (يعني عبادت) ڪريو ان ڏينهن ۾ روزو رکو جو  الله عَزَّوَجَلَّ غروبِ آفتاب کان آسمانِ دنيا تي خاص تجلي فرمائيندو ۽ فرمائيندو آهي ته آهي ڪو مون کان مغفرت طلب ڪرڻ وارو ته ان کي بخشي ڇڏيان! آهي ڪو روزي طلب ڪرڻ وارو ته ان کي روزي ڏيان! آهي ڪو مصيبت زده ته ان کي عافيت عطا ڪريان! آهي ڪو اهڙو! آهي ڪو اهڙو! ۽ هي ان وقت تائين فرمائيندو آهي جيسيتائين فجر طلوع ٿي وڃي.

(ابن ماجه ڪتاب الصلاة، ج. 2، ص. 160، حديث 1388)

نارِ دوزخ سے مجھ کو اماں دے

مغفرت کر کے باغِ جِناں دے

کر دے رحمت مِری اِلتجاء ہے

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل احاديث مبارڪه مان شعبان المعظم ۾ نفلي عبادت جي ترغيب سان گڏو گڏ هي به معلوم ٿيو ته هن مهيني ۾ سڄي سال جا اعمال الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا. ايئن سمجهو ته اعمال نامن جي تبديلي جي اعتبار سان 14 شعبان المعظم سال جو آخري ڏينهن ۽ 15 شعبان المعظم سال جو پهريون ڏينهن هوندو آهي، لهٰذا اسان کي گهرجي ته بالعموم شعبان المعظم جي سڄي مهيني ۽ بالخصوص 15 شعبان جو عبادت ۽ استغفار جي خوب ڪثرت ڪريون ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کان پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ دعائون گهرون.