Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

کي انهيءِ لاءِ الله تعالٰي جو مهينو فرمايو ته الله تعاليٰ هن مهيني ۾ روزا فرض فرمايا آهن. (فيض القدير، ج. 4، ص. 213، حديث 4889)

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جي بخشي بخشائي آقا، اسان گنهگارن کي بخشائڻ واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي عبادت جو عالم هي هو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن مقدس مهيني جي اڪثر ڏينهن جا روزا رکندا هئا ۽ هڪ اسان آهيون جو اسان جي زندگي ۾ نه ڄاڻي ڪيترا ڀيرا شعبان المعظم جو مبارڪ مهينو تشريف کڻي آيو ۽ بخشش ۽ مغفرت جا پروانا تقسيم ڪندي رخصت ٿي ويو پر اسان هن مبارڪ مهيني ۾ پنهنجي گناهن کان توبهه ڪرڻ، آئنده گناهن کان بچڻ جو پڪو ارادو ڪرڻ، فرض نمازن جو اهتمام ڪرڻ، صدقو ۽ خيرات ڪرڻ، تلاوتِ قرآن ڪريم، ذڪر و درود، روزن ۽ ٻين نفلي عبادت جي ڪثرت ڪرڻ ۽ پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ کي راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين. ڇاڪاڻ ته  نبي ڪريم، رؤوف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن هن مهيني ۾ اسان کي ڪثرتِ عبادت جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ نه صرف عملي طور تي خود نفلي عبادت جو اهتمام فرمايو بلڪه هن مهيني جي اهميت بيان ڪندي ارشاد فرمايو ته رجب ۽ رمضان جي درميان ۾ هي مهينو آهي، ماڻهو ان کان غافل آهن. هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ ماڻهن جا اعمال رب العٰلمين عَزَّوَجَلَّ جي (بارگاهه جي) طرف کنيا ويندا آهن ۽ مون کي اهو محبوب آهي ته منهنجو عمل هن حال ۾ اٿاريو وڃي جو مان روزيدار هجان. (نسائي، ص. 387، حديث 2354) ۽ بالخصوص 15 شعبان المعظم جي رات ۾ نفلي عبادت ڪرڻ ۽ ڏينهن ۾ روزو رکڻ جو باقاعده حڪم ڏيندي ارشاد