Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

آقا شعبان جا اڪثر روزا رکندا هئا

اُمُّ المؤمنين حضرتِ سَيّدَتُنا عائشه صِديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها فرمائن ٿيون: ”تاجدار رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري شَعبان جا روزا رکندا هئا، (پوءِ) فرمائن ٿيون ته مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ”ڇا سڀني مهينن ۾ توهان وٽ وڌيڪ پسنديده شَعبان المعظم جا روزا رکڻ آهي؟ ارشاد فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ هن سال مرڻ واري هر ساهه واري کي لکي ڇڏيندو آهي ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجو آخري وقت اچي ۽ آءُ روزيدار هجان.“

 (مسند ابو يعلى ج 4 ص 277 حديث 4890 دارالڪتب العلمية بيروت)

  اهڙي طرح هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شَعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا نه رکندا هئا، بلڪ پوري شعبان جا ئي روزا رکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: پنهنجي اِسۡتِطاعَت مطابق عمل ڪريو جو الله عَزَّوَجَلَّ ان وقت تائين پنهنجو فضل ناهي روڪيندو جيستائين توهان تنگ نه ٿيو.    

                       (صحيح بخاري ج 1 ص 648 حديث 1970 دارالڪتب العلمية بيروت)

شارِحِ بُخاري حضرت علامه مفتي شريف الحق امجدي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القَوِی هن حديث پاڪ شرح ۽ وضاهت بيان فرمائن ٿا ان جو خلاصو آهي ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شَعبان جي اڪثر ڏينهن جا روزا رکندا هئا، انهيء کي غلبي ۽ زيادت جي لحاظ کان سڀ  لفظ سان تَعبِير ڪيو آهي (يعني سڄي مهيني روزا رکڻ مراد ورتي وئي آهي) جيئن چوندا آهن: ”فلان سڄي رات عبادت ڪئي.“ جڏهن ته هن رات