Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

ٿا: درود شريف سان مصيبتون ٽرنديون آهن، بيمارين کان شفاء حاصل ٿيندي آهي، خوف دور ٿيندو آهي، ظُلم کان نجات حاصل ٿيندي آهي، دشمن تي فتح حاصل ٿيندي آهي، الله (عَزَّوَجَلَّ) جي رِضا حاصل ٿيندي آهي ۽ دل ۾ اُن جي محبّت پيدا ٿيندي آهي، فرشتا هن جو ذڪر ڪندا آهن، عملن جي تڪميل ٿيندي آهي ، دل ۽ جان ، اسباب ۽ مال جي پاڪائي حاصل ٿيندي آهي، پڙهڻ وارو خوشحال ٿي ويندو آهي، برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اولاد در اولاد چئن (4) نسلن تائين برڪت رهندي آهي.

  (جذب القلوب  ص 229) 

یا نبی!بیکار باتوں کی ہو عادت مجھ سے دُور

بس دُرودِ پاک کی ہو خوب کثرت یا رسول

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حصولِ برڪت، ترقيءِ معرفت ۽ حضورِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي قُربت پائڻ جي لاءِ  درود ۽ سلام جي ڪثرت تمام گهڻي ضروري آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته جڏهن به موقعو ملي ۽ بالخصوص هن مهيني شعبان المعظم ۾ اٿندي ويهندي گهڻي کان گهڻا درودِ پاڪ پڙهڻ گهرجن ، هن جي راتين جو عبادت ڪريون ۽ ڏينهن ۾ روزا رکون، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو به اهو معمول هيو جو هن مهيني ۾ گهڻي وڌيڪ نفلي عبادت ڪندا هئا جيئن ته