Book Name:Shaban ul Muazzam main nafil ibadaat

دَسۡت بَسۡته (هٿ ٻڌي ڪري) پڙهي ۽ هي تصوّر ڪري ته روضهء انور تي حاضر آهيان ۽ يقين ڄاڻي ته حضور انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مونکي ڏسي رهيا آهن، منهنجي آواز ٻڌي رهيا آهن، ۽ منهنجي دل جي خيالن کان به آگاھ آهن.  (الوضيفته الڪريمه، ص 28)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي ٻڌايل طريقن تي عمل ڪندي اخلاص ۽ استقامت سان درود پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايون ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ديدارِ مصطفٰي کان مُستفيض ٿيڻ سان گڏوگڏ دين ۽ دنيا جا بيشمار فائدا حاصل ٿيندا. اچو ترغيب جي لاءِ درود پاڪ جا وڌيڪ فضائل ٻڌون ٿا جيئن ته  

حضرتِ سَيّدُنا شيخ عبدالحق مُحدّث دهلوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی ”جذبُ القُلوب“ ۾ ارشاد فرمائن ٿا: جڏهن مؤمن ٻانهو هڪ ڀيري درود شريف پڙهندو آهي ته الله (عَزَّوَجَلَّ) هن تي ڏهه (10) ڀيرا رحمت موڪليندو آهي، (ڏهه (10) درجا بلند ڪندو آهي، ڏهه (10) نيڪيون عطا فرمائيندو آهي، ڏهه (10) غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب  ۽ ويھ (20) غزوات (جنگين) ۾ شامل ٿيڻ جو ثواب عطا فرمائيندو آهي  درودِ پاڪ دعا جي قبوليت جو سبب آهي، هن جي پڙهڻ سان شفاعتِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واجب ٿي ويندي آهي. بابِ جنَّت وٽ مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قُرب نصيب ٿيندو، درود پاڪ تمام پريشانين کي دور ڪرڻ جي لاءِ ۽ تمام حاجتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي، دُرود پاڪ گناهن جو ڪفارو آهي، صدقي جي قائم مقام بلڪ صدقي کان به افضل آهي. وڌيڪ فرمائن