Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

§          ان ڪري نه کاڌو جو اهو گوشت ڪوفي ۾ چوري ٿيڻ واري ٻڪري جو نه هجي۔

§          پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه قرآنِ ڪريم جي ڪهڙا قاري ها، سندن تِلاوتِ قرآن جو ذوق و شوق اهڙو هو جو جنهن جڳھ تي سندن وفات ٿي، ان هنڌ تي پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه 7 هزار ڀيرا قرآنِ ڪريم ختم فرمايو۔

§           پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه مال و دولت کان ڪيتري قدر پري رهندا هئا جو خليفي منصور 10هزاردرهم ڏيڻ چاهيا پر پاڻ قبول نه ڪيا۔

§          پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي تقويٰ و پرهيز گاري جو هڪ واقعو اهو به ٻڌو ته هڪ ڀيري پنهنجي ملازم جي ڪنهن ڳالھ ۾ شڪ محسوس ٿيڻ تي 30 هزاردِرهم جو نفع فُقرا ۾ ورهائي ڇڏيو۔

§          پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ڪوفي کان مديني جو وڏو سفر اِختيار ڪري مديني کان اچڻ واري گراهڪ کي 600 دِرهم به واپس ڪيا ۽ ڪپڙو به اُن وٽ رهڻ ڏنو۔

§          الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به پنهنجي نيڪ ٻانهن خاص ڪري اِمامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي نقشِ قدم تي هلندي زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد