Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

جو تذڪره ڪجھ ائين فرمائن ٿا جو پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ٽيهن (30) سالن تائين سڄي رات هڪ رڪعت ۾ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا، چيو وڃي ٿو ته جنهن جڳھ سندن وفات ٿي ان هنڌ تي پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه ست هزار(7000) ڀيرا قرآنِ ڪريم ختم ڪيو هو۔ حضرت سيدُنا اسد بن عَمرْو رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته امامِ اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه چاليھ (40) سالن تائين عشاء جي وضو سان فجر نماز ادا ڪئي۔

 حضرت سيدُنا زائِدَه رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا ته مون امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه سان گڏ عشاء نماز ادا ڪئي۔ نماز جي بعد ماڻهو هليا ويا ۽ مان مسجد ۾ ئي ترسي پيس۔ منهنجو اِرادو هو جو پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان هڪ مسئلو معلوم ڪندس پر پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي مسجد ۾ منهنجي موجودگي جو علم نه ٿيو ۽ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه قرآنِ ڪريم جي تلاوت شُروع ڪري ڇڏي، جڏهن پاڻ هن آيت سڳوري تي پهتا،

فَمَنَّ اللّٰہُ عَلَیۡنَا وَ  وَقٰىنَا عَذَابَ السَّمُوۡمِ ﴿۲۷﴾     (پ۲۷، الطور: ۲۷)

 

تَرْجموڪنز الايمان: پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي ساڙيندڙ عذاب کان بچائي ورتائين۔

ته طُلوعِ فجر تائين ان کي دُهرائيندا رهيا۔ (تاريخ بغداد،۱۳/ص۳۵۲، ۳۵۵،  بتغير)

اهڙي طرح هڪ رات پاڻ رَحْمَۃُ الله تَعَالٰي عَلَيه مسجد ۾ ڪنهن قرآن جي قاري کي اها آيتِ مُبارَڪه تلاوت ڪندي ٻڌو، ﴿اِذَا  زُلۡزِلَتِ الۡاَرۡضُ  زِلۡزَالَہَا  ۙ﴿۱﴾