Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

(1)    گناهن کان بچڻ نهايت آسان ٿي پوندو ۽ ائين ٻانهو تقويٰ جي صِفت سان مُـتَّصِف ٿي ويندو۔

(2) تقويٰ کي حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اِنْسان غافل ۽ بُرن ماڻهن جي صحبت ۾ اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏئي ۽ مُتَّـقي، پرهيز گار ماڻهن جي صحبت اختيار ڪري، ته جيئن انهن جي صحبت جي تاثير سان ان جي دل ۾ به تقويٰ ۽ پرهيزگاري پيدا ٿئي۔

(3) تقويٰ حاصل ڪرڻ جي لاءِ بُزرگانِ دين جي سيرت مان تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا واقعا پڙھو يا ٻڌو ته جيئن انهن مُبارَڪ هستين جي واقعن مان سبق حاصل ڪري اسان به هن پاڪيزه صِفَت کي پنهنجي ذات تي نافذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون۔ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل اِحياء العلوم جلد2، صفحي 367 تان "مُتّقيوں کی حکايتیں"پڙھڻ سان به اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ تقويٰ اِختيار ڪرڻ جو ذهن بڻجندو۔

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انهن سڀني طريقن تي آساني سان عمل ڪرڻ جو بهترين طريقو هي به آهي جو اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهون، هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ اجتماعي طور تي شرڪت ڪندا رهون، مدني چينل تي خاص ڪري مدني مُذاڪرو ۽ ٻيا سلسلا ڏسندا رهون، هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ۽ مدني انعامات تي عمل جي ڪوشش