Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

احڪامن تي عمل ڪرڻ وارو هجي، الله عَزَّ وَجَلَّ جي حرام ڪيل شين کان بچڻ وارو هجي، جهڙي طرح پنهنجي بدن ۽ ڪپڙن کي معمولي داغ دَھبّن کان بچائي ٿو اهڙي طرح پنهنجي باطن کي به باطني بيمارين ايستائين جو شُبُهات (شڪ) وارين شين کان به بچائيندو هجي، اهڙو شخص ئي حقيقي تقويٰ وارو چيو ويندو۔ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي تقويٰ جون فضيلتون مَوجُود آهن، جيئن سيپاري 26 سُوْرَةُ الْحُجُرات جي آيت نمبر 13 ۾ اِرْشاد آهي:

اِنَّ  اَکۡرَمَکُمۡ  عِنۡدَ اللّٰہِ  اَتۡقٰکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ ﴿۱۳﴾

  (پ:۲۶،الحجرات:۱۳)

 

تَرْجموڪنز الايمان: بيشڪ الله وٽ توهان ۾ زياده عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان کي مان وڌيڪ پرهيز گار آهي۔

مَعْلُوم ٿيو ته الله عَزَّ وَجَلَّ وٽ عزت ۽ فضيلت جو دارومَدار مال و دولت ۽ دُنيوي عزت و مَنصب هرگز ناهي بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ جا پسنديده ماڻهو تقويٰ و پرهيز گاري اختيار ڪرڻ وارا آهن۔ مُتَّـقي ماڻهن جو شان بيان ڪندي الله عَزَّوَجَلَّ قرآنِ پاڪ ۾ اِرْشاد فرمائي ٿو: ﴿ اِنۡ  اَوۡلِیَآؤُہٗۤ  اِلَّا الۡمُتَّقُوۡنَ (پ۹، الانفال:۳۴) تَرْجمو ڪنزالايمان؛ ان جا اولياء ته پرهيز گار ئي آهن يعني تقويٰ اِختيار ڪرڻ وارا ئي الله عَزَّوَجَلَّ جا دوست آهن۔ يقيناً اسان مان هر هڪ جي اها خواهش هوندي ته ان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا حاصل ٿئي ته قرآنِ پاڪ ۾ ان جي ولايت حاصل ڪرڻ جو طريقو تقويٰ اِختيار ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي۔