Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

۽ بي مثال شيون، موتي، مرجان، سَون، چاندي ۽ جڳ نما لوٽا ۽ پڻ ميوا، ماکيءَ (پاڪيزه) شراب ۽ کير تمام وڌيڪ آهي. لهٰذا انهن کي منهنجي اندر موڪل جنهن جو تو مون سان وعدو ڪيو آهي.

الله عَزَّوَجلَّ ان کي فرمايو: هر مسلمان مؤمن مرد ۽ عورت ۽ جيڪو مون تي ۽ منهنجي رسولن تي ايمان آڻي، نيڪ عمل ڪري پڻ ڪنهن کي منهنجو شريڪ ۽ برابر نه ڪري، اُهو تنهنجي لاءِ آهي ۽ جيڪو مون کان ڊڄي آئون ان کي امن ڏيندس، جيڪو مون کان سُوال ڪري آئون ان کي عطا ڪندس، جيڪو مون کي قرض ڏي (صدقاتِ واجبه ۽ نافله ادا ڪري) آئون ان کي جزا ڏيندس، جيڪو مون تي توڪّل ڪري، آئون ان کي ڪفايت ڪندس ۽ مان الله آهيان، مون کان علاوه ڪوبه معبود ناهي، مان واعدو خلافي نه ڪندو آهيان، بيشڪ ايمان آڻڻ وارا ڪامياب ٿيا. (ان کان پوءِ الله عَزَّوَجلَّ پنهنجي پاڪ ڪلام مان سورۂ مُؤْمِنُوْن ۾ ڪامياب مؤمنن جون خوبيون بيان فرمايون) ته جنّت چيو: آئون راضي آهيان. (دلائل النبوۃ، باب الدليل علي ان النبي عرج بہ ، ۲/۳۹۹)    

بزمِ ثنائے زُلْف میں میری عروسِ فِکْر کو

ساری بَہارِ ہَشْت خُلد چھوٹا سا عِطْر دان ہے

عرش پہ تازہ چھیڑ چھاڑ فرش میں طُرفہ دُھوم دَھام

کان جِدھر لگائیے تیری ہی داستان ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ٻڌو ته جنّت پنهنجي اندر موجود ڪيتريون خوبصورت ۽ اعليٰ نعمتون ذِڪر ڪيون ۽ الله عَزَّوَجلَّ جي بارگاھ ۾ هي