Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

نه صرف انسان جي گناھن جي ڪاراڻ کي ڌوئي ڇڏيندي آهي، بلڪ ٻانهي کي فلاح ۽ ڪاميابي تائين پهچائي ڇڏيندي آهي، الله رَبُّ الْعَالَـمِيۡن قرآنِ مجيد ۾ سيپاري 18، سُوۡرَۃُ النُّور، آيت نمبر 31 ۾ ارشاد فرمايو آهي:

وَ تُوۡبُوۡۤا اِلَی اللہِ جَمِیۡعًا اَیُّہَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ﴿۳۱﴾  

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ الله جي طرف توبھ ڪريو، اي مسلمانو! سموري جا سمورا هن اُميد تي ته توهان ڇوٽڪارو لهو.

مٺا مٺا سلامي ڀائرو! ربّ ڪريم عَزَّوَجَلَّ جي رحمت ڏاڍي وسيع آهي جو گناهگار کي هر وقت پنهنجي ڪرم جي ڇانو ۾ لڪائڻ لاءِ تيار آهي، ٻانهو ڪيترو ئي گناهگار ڇو نه هجي ان کي توبھ ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي ۽ هرگز هرگز الله عَزَّوَجلَّ جي رحمت کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. پاڪ پروردگار عَزَّوَجلَّ جي رحم ۽ ڪرم جي ڪا انتها نه آهي، اُهو پنهنجي ٻانهي جا زمين ۽ آسمان جي برابر گناھ به پنهنجي رحمت سان معاف فرمائيندو آهي.. جيئن ته ارشاد فرمائيندو آهي:

وَ ہُوَ الَّذِیۡ یَقۡبَلُ  التَّوۡبَۃَ  عَنۡ عِبَادِہٖ        وَ یَعۡفُوۡا عَنِ السَّیِّاٰتِ وَ  یَعۡلَمُ مَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿ۙ۲۵﴾

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اهو ئي آهي جيڪو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول فرمائي ٿو ۽ گناهن کان درگذر فرمائي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جو ڪجهه توهان ڪيو ٿا.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان آيتِ ڪريمه مان معلوم ٿيو رحمتِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ ٻانهن تي هر وقت ڇماڇم وسي رهي آهي تنهنڪري ٻانهن کي