Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

اُن جي ويجھڙائي ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته اُن کي حڪمت عطا ڪئي ويندي آهي۔“ (سنن ابن ماجه، ج 4 ص 422 الحديث 4101) ]10[ فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ”جيڪو چُپ رهيو، ان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو۔“ (سنن ترمذي ج 4 ص 225 حديث 2509) مِراٰة المَناجيح ۾ آهي؛ حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيِّدُنا امام محمّد بن محمّد غزالي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الوَالی فرمائن ٿا ته گفتگو جا چار قسم آهن؛

          (1) خالص مُضر (يعني مڪمل طور تي نقصان ڏيندڙ) (2) خالص مفيد (يعني فائديمند) (3) مُضر به مفيد به (4) نه مُضر نه مفيد۔

          خالص مُضِر (يعني مڪمل نقصان ڏيندڙ) کان هميشه بچڻ ضروري آهي۔ خالص مفيد ڳالهه ضرور ڪريو، جيڪو ڪلام مُضر به هجي ۽ مفيد به اُن جي ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪري بهتر اهو آهي ته نه ڳالهائي ۽ چوٿين قسم جي ڪلام ۾ وقت ضايع ڪرڻ آهي۔ انهن ڪلامن ۾ امتياز ڪرڻ ڏکيو آهي تنهنڪري خاموشي بهتر آهي۔ (مراٰة المناجيح ج 6 ص 464) ]11[ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي ]12[ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“ 

       (ڪتاب الصمت مع موسوعه الامام ابن ابي الدنيا ج 7 ص 204، رقم 325)