Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ مان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان چند اهم مدني گل ٻڌون ٿا؛

]1[ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي ]2[ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ انشآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي وٽ توهان معزز رهندؤ ]3[ وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست پاڻ ۾ بي تڪلفي سان ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي ]4[ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به انشآءَالله عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو ]5[ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي ]6[ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي ]7[ ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو ]8[ گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي ]9[ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي؛ ”جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي ڏسو ته اُن کي دنيا کان بي رغبتي ۽ گهٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي ته