Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ، سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ان روايت مان معلوم ٿيو ته ذڪرِ الٰهي جي ڪثرت، مسجدن سان محبت ۽ والدَين جي لاءِ بُرائي جو سبب بڻجڻ کان بچڻ، اِهي ٽئي عملَ الله رَبُّ الْعِزّت عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ گهڻا ئي محبوب آهن. اسان کي به هي سڀ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي خاص ڪري الله عَزَّوَجَلَّ جو ذڪر ڪندي رهڻ پنهنجي عادت بنائڻ گهرجي، ڇو ته اهوئي اسان جي زندگي جو مقصد به آهي ۽ آخرت جون ڪاميابون حاصل ڪرڻ جو سبب به، حضرت سيدنا عيسٰي بن مرحوم عطار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ هڪ ٻانهي مون کي حضرت سيدتنا رابعه عدويه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي عبادت ۽ رياضت جي باري ۾ ٻڌايو ته  پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا سڄي رات عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندي هئي ۽ پنهنجي زبان سان هميشه ذڪرِ خدا ڪندي رهندي هئي، پاڻ پنهنجي سڄي زندگي هن طرح گذاري. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي وفات جي تقريبًا هڪ سال کان پوءِ مون انهن کي خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جنت جي اعلٰي درجن ۾ آهن ۽ پاڻ سبز ريشم جو بهترين لباس بدن تي پاتل هو ۽ سبز ريشم جورئو پاتل هو، خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! مون ڪڏهن به اهڙو خوبصورت لباس ناهي ڏٺو جيڪو انهن کي پاتل هو. پوءِ مان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا کان پڇيو؛ ”اي رابعه!اوهان جي انهيءَ جُبي جو ڇا ٿيو جنهن ۾ اسان اوهان کي ڪفن ڏنو هو.“ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا فرمايو؛ ”الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! اهو لباس مون کان ورتو ويو ۽ ان جي جڳهه تي هي بهترين لباس مون کي عطا ڪيو ويو آهي جنهن کي اوهان ڏسي رهي آهيو ۽ منهنجي ان جبي کي ويڙهي ان تي مهر لڳائي