Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

وٺندا الله تعالي اهڙن نيڪن کي جيڪي مخلوق جي لاءِ مضِر (يعني نقصان ڏيڻ وارا) نه هجن پر مفيد هجن، ڏاڍو پسند فرمائيندو آهي. انهن تي ان احسان جي بدلي احسان فرمائيندو ۽ انهن کي انعام ڏيندو. اهي ماڻهو پنهنجي حيثيت جي مطابق نيڪيون ڪن ته رب تعالٰي پنهنجي شان مطابق انهن کي انعام سان نوازيندو. (تفسيرِ نعيمى ،جلد۴،صفحہ ۱۸۷)

ياد رکو! ڪنهن کان غلطي ٿيڻ کان پوءِ بدلي جي قوت رکڻ جي باوجود ان کي معاف ڪرڻ اهڙي بهترين عادت آهي ته جيڪڏهن اسان ان کي اپنايون ته اسان جو معاشرو امن ۽ سڪون وارو بڻجي سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح فتني فساد جا ناپاڪ جراثيم ازخود ختم ٿي ويندا. اچو! غصي پيئڻ جي فضيلت تي 3 فرمان مصطفٰي ٻڌون ٿا.

1.         جنهن کي غصو آيو پوءِ بردبار (برداشت ڪرڻ وارو) ٿي ويو، ته اهو الله عَزَّوَجَلَّ جي محبت جو حقدار ٿي ويو. (الکامل في الضعفاء الرجال،مطرف اليساري ابو مصعب ، ج۸،ص۱۱۲)(جہنم میں لے جانے والے اعمال ج ۱ ،ص ۲۲۴)

2.         جيڪو بدلو وٺڻ تي قادر هجڻ جي باوجود، غصو پيءُ ڇڏي ته الله  ان کي ماڻهن جي سامهون گهرائيندو ته جيئن ان کي اختيار ڏيئي ته جنت جي حورن ۾ جنهن کي چاهي پسند ڪري. (ابن ماجہ، کتاب الزھد، باب الحلم ،رقم ۴۱۸۶ ،ج۴، ص ۴۶۲ بتغیر قلیل)(جنت  میں لے جانے والے اعمال ج ۱ ،ص،۵۵۸)

3.         توهان مان سڀ کان گهڻو بهادر اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پاڻ تي قابو ۾ آڻي ۽ سڀ کان گهڻو بُردبار اهو آهي جيڪو طاقت جي باوجود معاف ڪري ڇڏي. (کنزالعمال،کتاب الاخلاق، الحدیث: ۷۶۹۴،ج۳،ص۲۰۷)

حُسنِ اَخْلَاق اور نرمی دو    دُور هو خُوئے  اِشتِعاَل آقا