Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

جهنّم ڏانهن وٺي وڃڻ وارن سڀني سببن کان اسان جي حفاظت فرما.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

یاخُدا! میری مغفرت فرما!

 

باغِ فِردَوس مَرحَمَت فرما!

مُصطَفٰے کا وسیلہ تَوبہ پر

 

تُو عِنایت مُداومَت فرما!

مَوت ایماں پہ دے مدینے میں

 

اور مَحمود عاقبت فرما!

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي رحمت سان پنهنجي نيڪ ٻانهن کي جنّت ۾ جيڪي اعليٰ نعمتون عطا ڪيون آهن معراج جي رات سرورِ ڪائنات فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اُهي تمام انعام ڏيکاري ڇڏيا، پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا (معراج جي رات) منهنجو وڃڻ جنّت ۾ ٿيو، مون ڏٺو ته ان جا سنگريزا  موتين جا ۽ ان جي مٽي مشڪ جي هئي. (صحيح البخارى، كتاب احاديث الانبياء،  باب ذكر ادريس عليه السلام،٢/٤١٧، الحديث:٣٣٤٢) پوءِ چار (4) نهرون ڏٺيون هڪ پاڻيءَ جي، جنهن جو پاڻي تبديل ناهي ٿيندو، ٻي کير جي جنهن جو ذائقو ناهي بدلجندو، ٽين شراب جي جنهن ۾ پيئڻ وارن لاءِ لذّت آهي (نشو بالڪل ناهي) ۽ چوٿين پاڪيزھ ۽ صاف  سُٿري ماکيءَ جي. جنّت جا ڏاڙهون جيڪي ڏسڻ ۾ ڊولن جي طرح ۽ پکي اُٺن وانگي هئا، ان ۾ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي لاءِ اهڙا اهڙا انعام تيار ڪري رکيا آهن جنهن کي ڪنهن اک ناهي ڏٺو ۽ نه ئي ڪنهن ڪَنّ ٻڌو ۽ نه ئي ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جون خيال گذريو.

 (دلائل النبوة للبيهقى، جماع ابواب المبعث، باب الدليل...بالافق الاعلٰى، ٢/٣٩٤ملتقطاً)