Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته خشوع ۽ خضوع سان نمازون پڙهڻ، مذاق مسخري ڪرڻ، بيهوده گفتگو، راند روند  ۽ هر طرح جي فضول ڪمن کان بچڻ، شرم گاهن جي حفاظت ڪرڻ، حدود الله جي خلاف ورزيءَ کان بچڻ، الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي ٻانهن جي امانتن جي رعايت ڪرڻ ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ، اهي سڀئي خوبيون  جنّت الفردوس جو حقدار بڻائي سگهن ٿيون. اسان کي به اهڙيون خوبيون پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به جنّت الفردوس جا وارث بڻجي سگهون. ياد رهي ته فردوس سڀ کان اعليٰ جنّت آهي ۽ ان جي سوال ڪرڻ جي حديثِ پاڪ ۾ ترغيب آئي آهي،  حضرتِ مُعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنّت ۾ سو (100) درجا آهن، ٻن (2) درجن جي وچ ۾ ايترو مفاصلو آهي جيتري آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهي. فردوس سڀ کان اعليٰ ۽ وچين جنّت آهي ۽ ان جي مٿان رحمٰن جو عرش آهي ۽ ان مان جنّت جون نهرون نڪرنديون آهن. جڏهن توهان الله تعاليٰ کان سوال ڪيو ته جنّت الفردوس جو سوال ڪيو. (ترمذی، کتاب صفۃ الجنۃ، باب ماجاء فی صفۃ درجات الجنۃ، ۴/٢٣٨، الحدیث: ۲۵۳۸) تنهنڪري هر مسلمانن کي گهرجي ته هو جڏهن الله تعاليٰ کان سوال ڪيو ته جنّت الفردوس جي ئي دعا گهري. جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اِها دعا قبول فرمائي ڇڏي ته آخرت ۾ ملڻ واري اها سڀ کان وڏي نعمت هوندي.“

(صراط الجنان، پ ۱۸، المومنون:  تحت الآیہ ۱۱، ۶/۵۰۸)

 اي الله عَزَّوَجَلَّ! اسان کي فردوس جي وراثت حاصل ڪرڻ وارن ۽ ان جي عظيم الشان نعمتن مان لطف ماڻڻ وارن ۾ شامل فرما  ۽