Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

سينگار به ڪيترو نه بهترين هو جو ان جون خُوبصورت ۽ بُلند چوٽيون اهڙيون حسين لڳي رهيون هيون واه !واه! ڇا ڳالھ ڪجي، اڄ جي رات بادِ صبا ان جي ساوڪ ۾ اهڙيون لهرون پيدا ڪيون جو ائين معلوم ٿي رهيو هو جو جيئن جبلن سبز رنگ جا رئوا اوڍيا آهن۔ اڄ جي رات نهرن جو حال هي هو جو نهرن غسل ڪري جاري پاڻي جو چمڪندڙ لباس پائي رکيو هو۔ اڄ جي رات معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِسْتقبال جي لاءِ چنڊ جي چانڊوڪي جو پُراڻو فرش کنيو ويو هو ۽ نُوري مخلوق جي اکين جو زَرين ۽ زَرْبفت فرش (يعني سون ۽ ريشم جي تارُن سان ٺهيل فرش) وڇايو ويو هو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي رات اُها عظيم ۽ جڳ مڳ ڪندڙ رات آهي جو جنهن ۾ اسان جا آقا، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي هڪ عظيم مُعْجِزَو عطا ٿيو۔ اڄ جي رات سمورن ملائڪن جي سردار حضرتِ سيدُنا جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ اقدس ۾ نهايت تيز رفتار سُواري بُراق وٺي حاضر ٿيو، ملائڪن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي گھوٽ بڻايو ويو، نهايت احترام سان بُراق تي سُوار ڪيو ويو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آناً فاناً (يڪدم) مڪي شريف کان بيتُ المقدس پهتا، تمام نبين پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اِستقبال ڪيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني نبين جي اِمامت ڪئي، اڄ جي رات پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني آسمانن جي سير ڪئي ۽ ان جا عجائبات ڏٺا، اڄ جي رات پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر هر آسمان تي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهُمُ السَّلَام کي پنهنجي زِيارت سان نوازيو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري تي نبين مُبارڪون پيش ڪيون، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سِدرَة المُنتَهٰي پهتا، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان مقام تي پهتا جو جنهن کان اڳيان وڌڻ جي