Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

خوشحاليون ۽ بهارون مُبارڪ هجن۔ اڄ جي رات آسمان ۽ زمين ٻنهي تي خوشين ڀريو نظارو هو ۽ ڌُوم متل ھئي، اڄ جي رات نُور واري آقا
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معراج جي خوشي ۾ نور جي بارش ٿي رهي ھئي (جيئن گھوٽ جي اچڻ تي گُل پاشي ڪئي ويندي آهي) اڄ جي رات حضور
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرفان ان انوار جي استقبال جي لاءِ خوشبوئون مهڪي رهيون هيون ۽ خوب رونق ھئي، جهڙي طرح شاديءَ واري گھر ۾ هوندي آهي۔ اڄ جي رات خوشي سبب پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُرنور چهري مان ايتري قدر نور نڪري رهيو هو جو جنهن عرش تائين سمورو نظارو روشن ڪري ڇڏيو هو، اڄ جي رات ايتري قدر جڳ مڳ ڪري رهي هئي جو ائين لڳي رهيو هو جو هر طرف آئينا لڳايا ويا هجن ۽ خانه ڪعبه هڪ نئي ڪنوار جيان حسين ۽ خوبصورت ٿي ويو هو، اڄ جي رات ان جي حسن و جمال ۾ نهايت جوش ۽ شباب اچي ويو ۽ حجرِ اَسْوَد تي قُربان ٿيان جو ڪعبه جي وچ ۾ هڪ تِر جيان آهي، اڄ جي رات ان ۾ به لکين سينگار جا رنگ ڀرجي ويا هئا، اڄ جي رات معراج واري مصطفٰي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ ۽ محترم ۽ مُقدَّس اکين ۾ خُصُوصي نورانيت هئي، اڄ جي رات هر پاسي کان خُوشين جا بادل ڀرجي اچي رهيا هئا، دِلين جا مور پنهنجا رنگ ڏيکاري رهيا هئا، اڄ جي رات نغمهءِ نعت جو اهڙو نظارو بڻجي ويو هو جو خود حرم به وَجد ۾ هو۔ اڄ جي رات ڪعبي جي ڇت تي بڻيل سُنهري نيسارو جنهن جو نالو ’’ميزابِ زَر‘‘ آهي، جُھومر جيان لڳي رهيو هو، اڄ جي رات کعبهءِ مُعظَّمه چمڪي، ڌمڪي رهيو هو ۽ ان جي خوشبودار غِلاف کي رات جي ٿڌي هوا اُڏائي رهي هئي، ۽ ان مان خُوشبو کڻي رهي ھئي، اڄ جي رات خوشبوئن ۾ مهڪيل غلافِ ڪعبه وَجْد ۾ جُھومي رهيو هو، اڄ جي رات جبلن جو حُسن ۽