Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

سرڪارِ مدينه، سلطانِ باقرينه ، قرارِ قلب وسينه ، فيض گنجينه صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظمت نشان آهي ،”(رَمَضان کان پوءِ) سڀ کان افضل شَعبان جا روزا آهن، رَمَضان جي تعظيم جي لاءِ۔''

(شُعَبُ الايمان، ج3،ص377،حديث3819)

اُمّ الۡمُومِنِين حضرتِ سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْها  کان رِوايت آهي ”حُضورِ انور، شافِعِ مَحشر، مديني جي تاجور، بِاِذنِ ربِّ اڪبر، غيبن کان باخبر، محبوبِ داوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي شَعبان جا روزا رکندا هئا۔“ فرمائن ٿيون: مون عرض ڪيو، ”يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا سڀني مهينن مان پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجھو وڌيڪ پسنديده شَعبان جا روزا رکڻ آهن؟ “ ته شفيعِ روز ِشُمار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: الله عَزَّ وَجَلَّ  هن سال مرڻ واري هر جان کي لکي ڇڏيندو آهي ۽ مون کي هي پسند آهي ته منهنجو رُخصت جو وَقت اچي ۽ مان روزيدار هجان۔“

( مُسندِابويعلٰي ،ج۴،ص277،حديث4890)

الله  عَزَّ وَجَلَّ اسان کي معراج واري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صَدقي سڀاڻي جو نفل روزو رکڻ، شعبان ۽ پوءِ رمضان جا سمورا روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان سڄي رمضان جو يا آخري عشري جو اعتڪاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، ڪاش! سٺين سٺين نيتن سان خوب خوب مدني عطيات جمع ڪرڻ جي توفيق ملي وڃي۔

امين بجاه النبي الامين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽