Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ 1437 سنِ هجري جي رَجَبُ الْمُرَجَّب جي ستاويهين رات آهي، الله تَبارَڪ وتَعاليٰ جو لک لک شڪر آهي جو ان اسان کي هڪ ڀيرو ٻيھر عظيمُ الشّان فضيلت ۽ برڪت واري مُقدَّس رات نصيب فرمائي، هي اها عظيم ۽ بابرڪت رات آهي جو جنهن ۾ خالقِ ڪائنات جَلَّ جَلاَلُه اسان جي آقا، مُحَمّدِ مُصطفٰي، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هڪ عظيم مُعجزو عطا فرمايو، معراج مصطفٰي جون ڪهڙيون ڪهڙيون حڪمتون آهن، اڄ جي هن نوراني رات ۾ ڪهڙا ڪهڙا واقعا ظاهر ٿيا، ڪهڙيون ڪهڙيون انوار ۽ تجليات جون بارشون ٿيون، هن بابت بيان ڪرڻ جو ڪير حق ادا ڪري سگھي ٿو؟ پر مختصر طور ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا، نهايت ئي توجه ۽ دِلجمعي سان ٻڌو، اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ معراج واري مصطفٰي، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت دِل ۾ وڌيڪ بيدار ٿيندي۔

منهنجي آقا اعليٰ حضرت امام اهلسُنَّت پروانه شمعِ رسالت مجدّدِ دِين وملّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  عشق و مستي ۾ گم ٿي معراج مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَنظر ڪشي ڪندي، ’’قصيدهءِ معراجيه‘‘ جي اِبتدائي 12 شعرن ۾ ڇا فرمائن ٿا، اچو! اوهان کي ان شعرن جو خلاصو ٻڌايان ٿا۔

اڄ جي رات رسالت ونبوت جي سربراھ و بادشاھ حضور سيدِ عالَم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  عرشِ مُعليٰ تي جلوه گر ٿيا ته ان عرب جي مهمانِ ذيشان جي خوشي ۽ فرحت جي لاءِ سمورن اَسبابن کي گڏ ڪيو ويو، اڄ جي رات سمورا ملائڪ ۽ تمام اَفلاڪ پنهنجي پنهنجي سُر ۽ لهجي ۾ بُلبُلن واري انداز ۾ نغمه سَرا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اڄ جي رات ڪهڙي بهار آهي! بهارو! توهان کي اهي خوشيون مُبارڪ هجن! ۽ اي باغو! توهان کي به